تڙ 4

تَڙُ3: درياهه جي ڪناري واري اُها جاءِ، جتي ٻيڙين مان مال لاٿو ۽ چاڙهيو وڃي. واهه يا ڦاٽ جي ڪناري واري اُها سهولت واري جاءِ، جتي ڌوٻي کُنڀ سَٽين، ماڻهو وهنجن ۽ پاڻي ڀرين، زالون ٿانوَ يا ڪپڙا ڌوئن. ان کي هنديءَ ۾ ’گهاٽ‘ چون. درياهه جو جيڪو تڙ اوَلو هوندو آهي، ان کي ”اوتڙ“ چئبو آهي، شاهه لطيف به ”اوتڙ ڪو نه اوليا“ جو اصطلاح شاعريءَ ۾ ڪم آندو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو